سير واهه ساروهه وهڪرو

سير واهه/ ساروهه (وهڪرو): سنڌ جي تاريخ جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته شهدادڪوٽ واري جوءِ، آڳاٽن ايامن کان وٺي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو مرڪز پئي رهي آهي. ’ساروهه‘ نالي هڪ قدرتي دريائي ڦاٽ يا وهڪرو، ڌرتيءَ جي هن ٽڪر مٿان اتر کان ڏکڻ طرف وهندو هو. تاريخي ماخذن توڙي عوامي روايتن مطابق هيءُ وهڪرو، ساڱرو/سار واهه/سر واهه ۽ سير واهه جي نالي سان مشهور آهي. تاريخن ۾ ان کي سانگهرو درياهه پڻ ڪوٺيو ويو آهي. هن وقت انهيءَ نالي سان قنبر-شهدادڪوٽ ضلجي جي قنبر ڪاڇي ۾ ’ساروهه‘ نالي هڪ ڍنڍ به موجود آهي
هيءُ وهڪرو، بکر کان 100 ميل اُتر ۾ ڪنڌڪوٽ ڀرسان درياهه جي مکيه وهڪري کان ڇڄي موجوده جيڪب آباد، شڪارپور، قنبر-شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعن مان وهندو اٽڪل 180 ميل لتاڙي وڃي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ان وهڪري جي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ لاءِ ٻي ڪا به واهه ڪا نه هوندي هئي. تنهنڪري مٿين سمورن علائقن جا هيٺاهان پٽ، پوٺا ۽ ترايون ٻوڙي ڇڏيندو هو. توڙي جو موسم خشڪ هوندي هئي ته به هيءُ پاسو ٻئي ملڪ کان ڪٽيل رهندو هو. درياهه جي اٿل کان سواءِ منجهس بولان، لهڙي، ناڙي ۽ مولهه نئين جو رائو پڻ اچي شامل ٿي ويندو هو. پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا ان وهڪري کي ’اولهندو نارو‘ سڏي ٿو ۽ اهو وهڪرو هو 3000 ق.م جو ڄاڻائي ٿو. جيڪب آباد ضلعي ۾ گهوندڪ ڍورو (ڪشمور) ۽ سارهوند ڍنڍ (ڳرهي خيرو)، شڪارپور ضلعي ۾ ڍونگ بلاڪ (خانپور) ۽ قنبر-شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ربيع ڍنڍ (شهدادڪوٽ)، سير ڍنڍ (شهدادڪوٽڊرگهه ڍنڍ (قنبر)، لنگهه ڍنڍ (قنبر)، آتڻ ڍنڍ (قنبر)، ساروهه ڍنڍ (قنبر)، حمل ڍنڍ (وارهه) ۽ دادو ضلعي ۾ منڇر ڍنڍ هن قديم وهڪري جون يادگار آهن. ڳوٺ لانگهو (ميرو خان) ته خود درياهه جي لنگهه جي پڪي ثابتي ڏئي ٿو.
هن وهڪري جي ٻنهي ڪنڌين سان گهاٽن ٻيلن، ڍنڍن، ڍورن ۽ ڇرن سان گڏ ماڻهن جون ڪيئي وسنديون پڻ هيون. هتان جي ايراضيءَ جا ماڻهو پنهنجي اُپايل اَن ۽ چوپائي مال مان پيٽ قوت ڪندا هئا. سندن علائقو پوکيءَ راهيءَ ا۾ ريان کيان هو ۽ جهنگلي جيوت توڙي مڇيءَ ماس جو به دن هو. انهن جو ملڪ گهڻو ڪري اهو ئي ’پراسياڻ‘ هو جنهن کي چندر گپت موريا جي هندي دربار جو يوناني سفير ’ميها سٿنيز‘، سنڌو نديءَ جو ڦٽل هڪ وڏو پيٽ سڏي ٿو.
اسان کي ڪيترين ئي صدين گذري وڃڻ کانپوءِ 16 صديءَ عيسويءَ ۾ مس مس وڃي ساروهه جو ڏس پتو ملي ٿو. ان زماني ۾ هن درياهي ڦاٽ کي چانڊڪي پرڳڻي جا ماڻهو ساروهه مان سيرواهه نالي سان سڏڻ لڳا هئا. مٿئين ’سيرواهه‘ جي لفظ (سير) متعلق ٽاڊ به پنهنجين لکڻين ۾ وضاحت ڪئي آهي. ان لفظ سان مشابهت رکندڙ هڪ ٻيو لفظ به آهي ’سر‘. هو ٻڌائي ٿو ته سير لوڻ جاسن آهن يا پاڻيءَ جا اهي تلاءَ، جن ۾ برسات جي رُت ۾ ڀٽن تان پاڻي لهي اچي ترائيءَ ۾ گڏ ٿيندو هجي، جن کي هٿرادو بند ڏئي روڪي سگهبو آهي. جيئن نارائڻ سر يا ڪوٽيسر وغيره. جڏهن ته ’واهه‘ لفظ جي هندي ٻوليءَ ۾ معنيٰ آهي وهڻ، سرڪ ۽ هلڻ وغيره.
شهنشاهه اڪبر پاران مقرر ڪيل بکر جو گورنر امين الملڪ نواب مير محمد معصوم بکري پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن جا سير واهه بابت احوال وڌيڪ ڌيان لهڻن. نواب صاحب سن 1600ع ۾ پنهنجي پٽ سيد مير بزرگ جي اصلاح لاءِ ’تاريخ معصومي‘ نالي هڪ ڪتاب لکيو جيڪو سنڌ جي تاريخ جي بنيادي ڪتابن مان هڪ آهي. نواب صاحب ان ۾ ’سيوي جا عجائبات‘ جي عنوان هيٺ لکي ٿو ته: ”جيڪو واهڙ سيويءَ هيٺان لنگهي ٿو انهيءَ جو لنگهه، گندرف جي پاڻيءَ مٿان معلوم ٿو ٿئي، تنهنڪري جيڪو به اهو پاڻي پيئندو آهي سو بيمار ٿيندو آهي ۽ اتي جي رهاڪن کانسواءِ جيڪي هريل آهن. ٻيا گهڻا انهيءَ بيماريءَ ۾ مري ويندا آهن. جيئن ته سلطان محمود خان هر سال حفاظت ۽ چوڪيداريءَ لاءِ نوان ماڻهو موڪليندو هو. اهي ڪن ٿورن کان سواءِ اڪثر مري ويندا هئا. اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ اُٿل آئي، جا انهن گندرف جي چشمن کي وهائي ويئي يا ڍڪي ڇڏيائين. بهرحال هن وقت اها بيماري گهڻي گهٽ آهي. اهو پاڻي پنجاهه ڪوهن جو مفاصلو طئي ڪري وڃيو، سر واهه جي سرزمين تي گڏ ٿئي ٿو، ۽ اُتي پوک جي ڪم ٿو اچي ۽ جيڪو حصو پوک کان بچت ٿو ٿئي، سو سيوهڻ جي نزديڪيءَ واري منڇر ڍنڍ ۾ پوي ٿو. انهيءَ جي ڪناري تي پڻ ڊگها ۽ سنها نانگ گهڻا ٿين ٿا ۽ هن نانگ جو ڏنگيل ڪو ورلي بچندو آهي. اتي جا ماڻهو زالون خواهه مرد نانگن جي آزار کان بچڻ لاءِ لاک جي ڪپڙي جون ڊگهيون ۽ ويڪريون شلوارون پهريندا آهن. انهيءَ زمين ۾ پوک کي پاڻي نه ڏنو هئائون. تنهن تي جڏهن گهوڙو هلايوسين ته وک وک تي نانگ نظر آيو. هوا سخت گرم هئي، تنهڪري پاڻيءَ جي ويجهو لهڻ ٿي چاهيوسين پر سپن جي ڊپ کان پري وڃي برپٽ تي لٿاسون. ٻيو ته سيويءَ جي برپٽ ۾ قلعا ۽ آباديون هيون جيڪي ويران ٿي ويون آهن ۽ هاڻي انهيءَ سرزمين تي جهولو لڳندو آهي.“
يوسف ميرڪ ابن ابو القاسم نمڪين 1634ع ۾ مير معصوم بکريءَ کان ستت پوءِ سيرواهه جو ذڪر ڪري ٿو. اهڙو ذڪر سندس تصنيفتاريخ مظهر شاهجهاني‘ ۾ پڙهي سگهجي ٿو. سيرواهه بابت ’تاريخ معصومي‘ تان کنيل سندس بيان معلوم ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس بيان ۽ مير معصوم جي لکڻيءَ ۾ هڪجهڙائي موجود آهي.
يوسف ميرڪ لکي ٿو ته: ”اهو پاڻي پنجاهه ميلن کانپوءِ سرواهه (سيرواهه) جي سرزمين ۾ وڃي پوي ٿو، جيڪو پوکي راهيءَ جي ڪم اچي ٿو. وڌيڪ پاڻي منڇر ڍنڍ ڏانهن وڃي ٿو.“ يوسف ميرڪ کانسواءِ سن 1773ع ۾ سنڌ جي مشهور عالم ۽ تاريخدان مير علي شير قانع ٺٽويءَ به درياهه جي هن اوائلي وهڪري جو ذڪر پنهنجي تصنيفتحفة الڪرام‘ ۾ ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته: ”سيرواهه جنهن کي ’سرواهه‘ چون ٿا، کيتيءَ جي ڪم اچي ٿو ۽ بچتو پاڻي منڇر جي ڍنڍ ۾ سيوستان جي ويجهو آهي، وڃي پوي ٿو. اڳئين وقت ۾ پاڻيءَ جي ڪناري تي پڻ مٿئين قسم جا گهڻا نانگ رهندا هئا، جن جو ڏنگيل ڪو ورلي بچندو هو. تنهن ڪري اتي جا ماڻهو سٿڻيون ڪشاديون ۽ ڊگهيون پهريندا هئا.“
مير علي شير کان پوءِ اي. ڊبليو. هيوز 1876ع ۾، ميجر راورٽي 1892ع ۾، ايڇ. ٽي. سورلي 1940ع ۾، ۽ لئمبرڪ 1964ع ۽ 1984ع ۾ اهي پرڏيهي ليکڪ ۽ تاريخدان آهن، جن جي لکڻين ۾ ٿورو گهڻو سيرواهه واري هن آڳاٽي وهڪري جو نالو ملي ٿو.
سيرواهه ۽ ان جي اوسي پاسي واري تر ۾ الڳ الڳ ذاتيون وسيل هيون. تاريخ جي ماخذن ۾ انهن ڪڙمن، قبيلن مان هيٺيون ذاتيون مليون آهن: بڙدي، مگسي، لاشاري، ڪٽومڙ، ابڙا، ديناري، لاکير، بڪيجا، داردشت، رند، ڊومبڪي، سانگي، سميجا، چانڊيا، ماڇي ۽ سيلرا وغيره. شهدادڪوٽ ويجهو سنڌ ۽ بلوچستان واري دنگ وٽ وسندڙ سيلرن جي ذات ۾ هڪ باڙو ته اڄ تائين ’سير واهي‘ جي نالي سان مشهور آهي.
قنبر- شهدادڪوٽ ضلعي جي جاگرافيائي بيهڪ مان ظاهر ٿئي ٿو ته موجوده ضلعي جي سرزمين ۾ ان زماني ۾ سنڌو درياهه کانسواءِ هيٺيان وهڪرا ۽ ڦاٽ موجود هئا. گهاڙ واهه، اولهندو نارو، ڪنڌڪوٽ وهڪرو، وارهه وهڪرو ۽ شهدادڪوٽ وهڪرو وغيره، سنڌ جو هاڻوڪو وهڪرو 243 سال اڳ سن 1759-1758ع ڌاري وجود ۾ آيو ۽ پنهنجي اصلي وهڪري کان فقط ڪجهه ميل ساڄي ۽ کاٻي پاسي بدليو آهي. سنه 1869ع ۾ برطانوي سرڪار ان جي ٻنـهـي ڪـنارن کان پـنجـن مـيـلن (8 ڪلوميٽرن) جي وٿيءَ تي بند ٻڌائڻ شروع ڪيا، نه ته ان کان اڳ جيڪب آباد، شڪارپور ۽ قنبر-شهدادڪوٽ ضلعن جي حدن تائين ٻوڏ جي صورتحال هوندي هئي. اهڙي وارتا ماڻهن 1942ع واري وڏيءَ ٻوڏ ۾ چڱيءَ طرح ڏٺي هئي، جنهن ۾ ٽن ضلعن جا اٽڪل 17 تعلقا ٻڏي ويا هئا.
ڀانئجي ٿو ته ساروهه/ سيرواهه وارو ڄاڻايل ڦاٽ 1869ع واري زماني کان وٺي سُڪي ٺوٺ ٿي ويو. ان جي باوجود ان جي پيٽ ۾ برساتي ندين ۽ نئين جو پاڻي گڏ ٿيندو رهيو.
هن قديم درياهي وهڪري جي آخري پڄاڻي ان وقت ٿي، جڏهن 1932ع ۾ سکر وارن واهن جو نظام (سکر بئراج) عمل ۾ آيو. اهڙيءَ طرح درياهه جي هن قديم ۽ تاريخي وهڪري ۾ اوچتي ڦيري سان وڏي تباهي ۽ بربادي ٿي ۽ جنهنڪري ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿيڻ لڳي. قدرتي آبپاشيءَ جو سرشتو، زراعت، رسنديون، ڳوٺ، شهر، اچ وڃ جا رستا، وڻ ۽ ٻوٽا تباهه ۽ برباد ٿي ويا.
ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ جي شهدادڪوٽ قبو سعيد خان، ميروخان، سجاول جوڻيجو، قمبر ۽ وارهه تعلقن واري ايراضين ۾ ساروهه/سيرواهه واري درياهي وهڪري جو سڪل پيٽ اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان جي ٻنهي ڪنڌين سان سنڌ جي گم ٿيل تاريخ جون ڪيتريون ڪڙيون ڳولي سگهجن ٿيون.
سنڌ جو ناميارو اديب، جاگرافيدان ۽ محقق ايم. ايڇ. پنهور پنهنجي هڪ مقالي ’ سنڌ جي تاريخ ۽ آثار قديمه تي تحقيق ۽ اشاعت‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”پٿر جي اوزارن جو نئون دور ڪتل هيوڪ (ترڪي) ۾ 6000 ق.م ۾ شروع ٿيو ۽ عرب ۽ مصر جي درياهي ميدانن ۾ اهو 4500 ق.م ڌاري شروع ٿيو. پٿر جي اوزارن جو اهو نئون دور بولان درياهه جي شاخن سان گڏ سنڌ جي هيٺائين ميدان (ڳڙهي خيرو، شهدادڪوٽ، حمل ڍنڍ ۽ گاج درياهه) کان منڇر تائين پکڙيو هوندو. اتان وري اهو کيرٿر جبل جي هيٺئين حصي يا دادو ضلعي جي ڪوهستان، ٺٽي ۽ ڪراچي ضلعن ڏانهن وڌيو هوندو جتي سنڌو سڀيتا جي اوائلي وسندين جا آثار جهڙوڪ: واهي پانڌي، علي مراد، گورانڊي، غازي شاهه، ڊمب بٺي، ارباب جو ٿاڻو، شاهه جو ڪوٽڙيو، عثمان بُٺي، جهانگري، گهارو ٻيڙو، ڪرچاٽ، تؤنگ، ڍل، ڳوٺ حسن علي، نل بزار ۽ اورنگي بستيون آهن.“
رڳو شهدادڪوٽ تعلقي واري حوالي سان هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته ساروهه واري وهڪري جي ٻنهي ساڄي ۽ کاٻي ڪپرن سان هيل تائين قديم دور جا اٽڪل 41 کن ننڍا وڏا ماڳ ڦٽوڙ لڀجي چڪا آهن. انهن مان ليمون جوڻيجو (سون ٿرڙو)، غفور شاهه، ڌڱ، انگهه، گلاب شاهه جو دڙو، بگو دڙو، شاهه پور دڙو، ڪڙڪ ٿرڙي، لاهوري ڪوٽ، سنڌو، نومڙين وارو دڙو، وڪئي جي ماڙي ۽ ميهڙ جو دڙو خاص اهميت وارا ماڳ آهن. ميرو خان، قمبر ۽ وارهه تعلقن ۾ اهڙن آڳاٽن اهڃاڻن جو ته ڪو انت ئي ڪونهي.
جتان جتان ساروهه پنهنجو وهڪرو مٽايو يا ڇڏي ويو، اُتي ڪيتريون ڍنڍون، ڍوريون ۽ ترايون نروار ٿي پيون. شهدادڪوٽ تعلقي ۾ ميان شاهه وسائي ۽ پتوجا شاخ جي وچ واري ڀاڱي ۾ سنڌوءَ جي انهيءَ ڦٽل پيٽ کي اڄ به واچي سگهجي ٿو. ان وهڪري کي هتان جا مقامي ماڻهو ’سير‘ جي نالي سان سڏيندا آهن، جڏهن ته شهدادڪوٽ شهر جي ڏکڻ اولهه طرف ميروخان تعلقي جي حدن ۾ اهو وهڪرو ’لانگهو‘ به ڪري سڏبو آهي. تعلقي شهدادڪوٽ ۾ ڊٺل پراڻن شهرن ۽ کنڊرن کي ڏسڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ علائقو ڍنڍن، ڍورن ۽ درياهه جي پراڻن وهڪري وارن ليڪن سان ڀريو پيو آهي ۽ اڄ تائين به انهن ۾ پاڻي ڀريو پيو هوندو آهي.
ساروهه/سيرواهه جي پراڻي پيٽ ۾ نه رڳو پکي ۽ مڇي موجود رهي ٿي، پر ان ۾ نانگ، ڪميون، ڳوهون، جهنگلي سيهڙ، مِرون، بگهڙ، گدڙ، جهنگلي ٻلا، نور، لومڙيون ۽ لُڌڙا به جام ملن ٿا. ميداني پکين ۾ وري ڪارڙا تتر، جابلو ڳيرا، پاريهر، ڳٽو، اڇڙا تتر، پٽ ڳيريون، باز ۽ تلور وغيره به جام آهن. 1994ع تائين هتي هرڻيون به ڏٺيون ويون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو